طفيل نيازي

طفيل نيازي

طفيل نيازي

طفيل نيازي: ناميارو لوڪ فنڪار طفيل نيازي 1916ع ڌاري جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا طبلي وڄائڻ جا ماهر هئا. هن هڪ ’ناٽڪ منڊلي‘ جوڙي، جنهن تحت ’هير رانجها‘، ’سوهني ماهيوال‘، ’سسئي پنهون‘ ۽ ’پورن ڀگت‘ جهڙين لوڪ ڪهاڻين تي ڊرامن ۾ هيرو جا ڪردار ادا ڪيا. ان کانسواءِ هن هڪ سنگيت پارٽي به ٺاهي، 1947ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ خاندان سان لڏي ملتان ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اتي کير ڏهي جو دڪان کوليائين. ان کانپوءِ وري لاهور ۾ رهائش اختيار ڪيائين، ريڊيو ۽ ٽي. وي سان وابسته ٿيو جتي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ’لوڪ تماشا‘ ۾ بطور ڪمپوزر ۽ گلوڪار ڪم ڪيائين. هن 500 کان وڌيڪ گانن جون ڌنون ٺاهيون ۽ تقريباً 4000 هزار گانا ريڪارڊ ڪرايائين. ان کان علاوه ثقافتي اداري ‘لوڪ ورثه’ سان منسلڪ رهيو. ثقافتي وفدن سان ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيائين ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس فن کي ڀارت ۾ به ڪافي پذيرائي حاصل ٿي. سندس ڳايل مشهور ڪلامن ۾:
لائي بي قدران نال ياري
تي ٽُٽ گئي تڙڪ ڪرڪي
هن پهريون ڀيرو 26 نومبر 1964ع تي پاڪستان ٽيليويزن جي افتتاحي تقريت ۾ ڳائي ڏسندڙن ۾ تمام گهڻي مڃتا ماڻي. هن جو تعلق نيازي خاندان سان نه هو. پير نياز علي شاهه سان سندس عقيدت ڪري پي.ٽي.وي جي سينئر پروڊيوسر اسلم اظهر کيس طفيل نيازي جي نالي سان متعارف ڪرايو. سندس ٻھ پٽ جاويد نيازي ۽ بابر نيازي سندس انداز ۾ گائيڪيءَ سان وابسته آهن. سندس فني صلاحيتن جي عيوض ڪيترا اوارڊ حاصل ڪيائين جنهن ۾: ’امير خسرو اوارڊ‘، ’بريجو باورا اوارڊ‘، ’ڪي.ايل سهگل ايوارڊ‘، ’بابا گرونانڪ ايوارڊ‘، ’امير خان ايوارڊ‘، ’سرسوتي ايوارڊ‘ کانسواءِ حڪومت پاڪستان پاران کيس 1983ع ۾ صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگيءَ سان نوازيو ويو. هي 21 سيپٽمبر 1990ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ طفيل نيازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1990.09.21  عيسوي

طفيل نيازي 1916ع ڌاري جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. هي 21 سيپٽمبر 1990ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بينجمن سسٽرز
اداسي الهبچايو زنئور
ديدار حسين سمو
چندرو آتماچندرو آتما
راول فقير
خوشي ڪي مٽائي
چندر (ماسٽر چندر)
شير شاهه
شمن علي ميرالي
سيد احمد شاهه
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون